اعجاز علي خان ٽالپر

اعجاز علي خان ٽالپر

اعجاز علي خان ٽالپر

اعجاز علي خان ٽالپر: مير خان ٽالپر'>اعجاز علي خان ٽالپر 10 فيبروري 1933ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ مشهور سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جي گهر ۾ پيدا ٿيو. انگريزن جي دور جو مشهور سياستدان مير بنده علي خان سندس ڏاڏو هو. هن شروعاتي تعليم ٽنڊي محمد خان ۽ بعد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. زين پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ اين جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان انگريزي تعليم حاصل ڪئي. آڪسفورڊ يونيورسٽي لنڊن مان زراعت ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. 1956ع ۾ عملي سياست جي شروعات ڪندي پهريون ڀيرو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو. 1960ع ۾ ٻيھر ان جو ميمبر چونڊيو ۽ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊي محمد خان جو صدر چونڊيو . 1963ع ۾ آزاد اميدوار طور بدين ۽ ٽنڊي محمد خان جي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو، 1964ع ۾ جنرل ايوب خان جي پاڪستان مسلم ليگ جو سينئر نائب صدر منتخب ٿيو. 1965ع ۾ ٻيهر بدين ۽ ٽنڊي محمد خان جي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان وقت ورڪس ۽ سروسز کاتي جو وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1969ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيپلز پارٽي ۾ بانيڪار ميمبر طور شامل ٿيو ۽ 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد جي گڏيل تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1972ع ۾ سنڌ حڪومت ۾ آبپاشي، بجلي، ڪميونيڪيشن ۽ ورڪس جو صوبائي وزير منتخب ٿيو. 1977ع ۾ وري ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد واري تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1984ع ۾ پلاننگ ۽ ڊويلپمينٽ جو نگران صوبائي وزير مقرر ٿيو. 1985ع ۾ ٻيهر غير جماعتي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ڪميونيڪيشن، ورڪس ۽ ٻيلي کاتي جو سينئر صوبائي وزير منتخب ٿيو . 1987ع ۾ بلديات ۽ جهنگلي جيوت کاتي جو صوبائي وزير رهيو. 1988ع ۾ نگران حڪومت ۾ روينيو ۽ بحاليءَ واري کاتي جو نگران صوبائي وزير منتخب ٿيو. 1983ع ۾ آر ڊي'>ايم آر ڊي تحريڪ جو به حصو رهيو. جنهن دوران کيس پهرين ٻه مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۽ بعد ۾ ٽي مهينا بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد ڪيو ويو. 1985ع ۾ ٻيلي کاتي، روڊس ۽ بلڊنگ کاتي سميت سنڌ جو سينئر صوبائي وزير رهيو. جنهن دوران هي سنڌ جي وڏي وزير غوث علي شاهه جي بيروني دوري سبب ڪجهه عرصو سنڌ جو قائم مقام وزير اعليٰ پڻ رهيو. مير خان ٽالپر'>اعجاز علي خان ٽالپر 2008ع جي چونڊن تائين مسلسل سياست ۾ سرگرم رهيو، ان کانپوءِ سياست کان پاسيرو ٿي ويو. مير اعجاز ٽالپر 9 آگسٽ 2021ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.


لفظ اعجاز علي خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.02.10  عيسوي

مير اعجاز علي خان ٽالپر 10 فيبروري 1933ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ مشهور سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


2021.08.09  عيسوي

مير اعجاز ٽالپر 9 آگسٽ 2021ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور احمد خان مهر
امداد علي پتافي
آنند هنڱوراڻي
امين فهيم مخدوم
بشير خان قريشي
اعجاز جکراڻي
اختر علي جي قاضي
انڙ غلام رسول
امام علي نازش ڪامريڊ
امداد علي اعواڻ
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون